ٻنڌڻي نئن

ٻنڌڻي نئن: ”ٻنڌڻي“ جي مکيه دڙي کان اوڀر ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ تي ٻنڌڻي نئن آھي. ان کي ”ٻنڌڻي واھي“ به چوندا آھن، ھيءَ نئن اڳتي ھلي منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿي، اھا نئن لڪيءَ واري ٽاڪري علائقي وٽان ڪراچيءَ ڏانھن ويندڙ رستي ھيٺان لنگھي ٿي. چشمي جي پاڻيءَ سان ھي ٻارھوئي وھندي رھندي آھي ۽ جھانگارا کان ڪراچي ويندڙ پانڌيئڙن لاءِ ڏاڍي سک سھنج جو سبب آھي. ھن پاڻيءَ جي واھيءَ جي ڪڙ تي ڪراچيءَ ويندڙ رستي جي پاسي سان ھڪ ٽڪريءَ تي پٿر جي اوزارن، جھڙوڪ پاساڙن ۽ مڱرين جو ججھو انداز پکڙيل مليو. مشھور آرڪيالاجسٽ اين. جي مجمدار لکيو آھي ته ھن اھي سالم پٿر، جن جا اوزار ٺھندا ھئا، وڏي انگ ۾ ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ڏٺا ھئا، ان مان پورو يقين آھي ته هيءَ ايراضي پٿرن مان اوزار ٺاھڻ وارو صنعتي علائقو ھئي. اھڙي قسم جا پٿر ھن جاءِ تي عام جام ملندا ھئا ۽ پٿر مان اوزار ٺاھڻ وارا ڪاريگر به ھن ئي علائقي سان واسطو رکندا ھئا .


لفظ ٻنڌڻي نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو